آسو ٻائي

آسو ٻائي: تعليم لاءِ جاکوڙيندڙ باھمت سماج سڌارڪ آسوٻائي 13 سيپٽمبر 1994ع تي، ڪونڀومل گوئل جي گهر، ٿر نبي سر، تعلقي ڪنري، ضلعي عمرڪوٽ ۾ پئدا ٿي. سندس اباڻو ڳوٺ ننگر پارڪر ويجھو ’راٺي‘ جي نالي سان موجود آھي. ٻن سالن جي ڄمار ۾ غلط انجيڪشن لڳڻ سبب ھڪ ٽنگ کان معذور ٿي. ھن پنھنجي معذوريءَ کي طاقت ۾ تبديل ڪندي بي.اي تائين تعليم حاصل ڪئي ۽ پنھنجي شوق سبب ڳوٺ جي ھڪ جهوپڙيءَ ۾ مفت اسڪول ھلائڻ شروع ڪيو، جيڪو ھن وقت ’ميڻان جي ڍاڻي‘ (يونين ڪائونسل وليداد پلي، تعلقو ۽ ضلعو عمرڪوٽ) ڳوٺ ۾، سنڌ ايڊيوڪيشن فائونڊيشن جي سرپرستيءَ ھيٺ عاليشان عمارت ۾ ھلي رھيو آھي. سندس تعليمي جذبي کي ڏسندي، ملالا يوسف زئي کيس آمريڪا گهرائي سندس ڪم کي دنيا آڏو مڃتا ڏني.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1994.09.13  عيسوي

تعليم لاءِ جاکوڙيندڙ باھمت سماج سڌارڪ آسوٻائي 13 سيپٽمبر 1994ع تي، ڪونڀومل گوئل جي گهر، ٿر نبي سر، تعلقي ڪنري، ضلعي عمرڪوٽ ۾ پئدا ٿي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

درويش مريد بلوچ
پنهور رشيده اختر
ٽوپڻ شيخ
ڊي پي شرما
قاضي نظر محمد
راهب فقير
زهراوي ابوالقاسم
اسماعيل عرساڻي
دوستو وسڪي
عبدالجبار وڪيل
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون